سنڌ

قمبر مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

قمبر مان ڪجهه ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي کنڀي گم ڪيل جلال مغيري جي وارثن ڪرڪيٽ گرائونڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب آڏو نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو. ان موقعي صدرو مغيري، سعد الله، ديدار علي ۽ معصوم ٻارڙن دانهيندي چيو آهي ته سي آ اي انچارج خان تنيو اسان جي نوجوان کي بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان جي نوجوان مٿان ڪو ڏوهه آهي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جلال مغيري کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button