اسلام آباد

ريلوي کاتي ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي

ريلوي کاتي ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ريلوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نثار احمد ميمڻ چيو آهي ته ريلوي واقعي به غريبن جي سواري آهي، تنهن ڪري اسان ڪراين ۾ وڏي عرصي کان اضافو ناهي ڪيو. هن چيو ته 2019ع ۾ ٽرين جي ڀاڙن ۾ رڳو 5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو هو، گذريل ٻن سالن دوران پگهارن ۾ اضافو ٿيو پر ريلوي جي ڀاڙن ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو، نثار ميمڻ چيو ته ڊالر جي ملهه ۾ واڌ ۽ پگهارن ۾ اضافي سبب ڀاڙا وڌائڻ مجبوري آهي، ريلوي جي ڀاڙن ۾ اڄ کان 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button