اسلام آباد

مهانگائي هلندڙ مالي سال جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي

آڪٽوبر مهيني ۾ مهانگائي هلندڙ مالي سال جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.شماريات واري اداري موجب آڪٽوبر 2021 ۾ مهانگائي جي شرح 9 ڏهائي 2 سيڪڙو رهي، سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح 9 سيڪڙو هئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ شهرن ۾ ڪڪڙ جو گوشت 17 ڏهائي 9 سيڪڙو، سبزيون 15 ڏهائي 2 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ 7 ڏهائي 2 سيڪڙو مهانگي ٿي. آڪٽوبر ۾ شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 9 ڏهائي 6 سيڪڙو رهي، ٻهراڙين ۾ مهانگائي جي شرح 8 ڏهائي 7 سيڪڙو رهي. شماريات واري اداري موجب سيپٽمبر جي ڀيٽ ۾ آڪٽوبر ۾ شهرن ۾ ڪڪڙ جو گوشت 17 ڏهائي 9 سيڪڙو مهانگو ٿيو. آڪٽوبر ۾ ماهوار بنيادن تي سبزيون 15 سيڪڙو ۽ گيهه 43 سيڪڙو مهانگو ٿيو، آڪٽوبر ۾ سالياني بنيادن تي ڪوڪنگ آئل 40 ۽ ڪڪڙ جو گوشت 34 سيڪڙو مهانگو، جڏهن ته آڪٽوبر مهيني ۾ سالياني بنيادن تي ڪڻڪ 13 ۽ ميوا 13 سيڪڙو مهانگا ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button