سنڌ

”ايس ايس پي کي هٽايو“ جيڪب آباد ۾ شهرين جو احتجاجي ڌرڻو

جيڪب آباد ۾ ايس ايس پي کي ھٽائڻ لاءِ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي ڏھين ڏينهن به واپارين ۽ شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ايس ايس پي جيڪب آباد کي ھٽائڻ لاءِ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي 10هين ڏينهن به واپارين ۽ شھرين احتجاجي جلوس چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي، لال چند سيتلاڻي، نديم احمد قريشي، جمال الدين لکڻ، عبدالحئي سومرو، حاجي يوسف ميمڻ، سريچند ڀاوناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو، جيڪو مختلف رستن تي مارچ ڪندي صرافه چوڪ تي پھچي علامتي بک هڙتال ڪرڻ بعد ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف سڄو شهر سراپا احتجاج بڻيل آهي پر افسوس جو اختيارين کي اھو نظر نٿو اچي، پوليس محافظ ھوندي آھي پر ھتي ايس ايس پي جي نگراني ۾ پوليس شھرين لاءِ خوف جي علامت بڻيل آهي، شھرين توڙي واپارين کي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جنهن ڪري شھري غير محفوظ بڻجي ويا آهن. ايس ايس پي کي ھٽائڻ تائين اسان جي تحريڪ جاري رهندي، جيڪڏھن ايس ايس پي کي نه ھٽايو ويو ته شٽرڊائون ھڙتال سميت قومي شاهراهه تي اڻ اعلانيل ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button