پنجاب

ڪالعدم ٽي ايل پي سربراهه سميت 800 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي ۽ سندس ڀاءُ انس رضوي سميت احتجاج ڪندڙ 807 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ڪالعدم تنظيم جي سربراهه ۽ ٻين احتجاج ڪندڙن خلاف وزيرآباد جي صدر ٿاڻي ۽ سٽي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته وزيرآباد ۾ داخل ڪيسن ۾ 207 نامزد ۽ 600 اڻڄاتل ماڻهو شامل آهن، ڪيسن ۾ سعد رضوي، سندس ڀاءُ انس رضوي ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر قاسم فخري به نامزد آهن. پوليس موجب ڪيسن ۾ روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ جا الزام آهن، جڏهن ته لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جا قلم به شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button