اسلام آباد

هوائن جو رخ تبديل ٿي ويو، تحريڪ انصاف وارن جون ضمانت ضبط ٿينديون: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هوائن جو رخ تبديل ٿي ويو آهي، هاڻ جڏهن به چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف ضمانت ضبط ڪرائيندي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 2018 ۾ تحريڪ انصاف ڪهڙي طريقي سان ڪامياب ٿي اها سڀني کي خبر آهي، هوائن جو رُخ تبديل ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ماڻهو پ پ ۾ ايندا، هاڻ پي ٽي آءِ جا ماڻهو چونڊن ۾ پنهنجون ضمانتون ضبط ڪرائيندا. هن چيو ته تحريڪ انصاف چئي ٿي ته ڪراچي جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي چڪي آهي پر ڪراچي وارن کان ته پڇو، هر ڳالهه جي ذميواري اسان تي وڌي ويندي آهي ته پوءِ وفاق به اسان حوالي ڪري ڇڏيو، انشاءَ الله ملڪ جا ماڻهو سڄي ذميواري جلد پ پ کي ڏيندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ هر ڪم جي ذميواري سنڌ سرڪار تي مڙهيندي آهي، موجوده حڪومت کي گورننس جو ڏانءُ ئي نه آهي، ڪالعدم تنظيم جي مظاهرن جو مامرو بهتر نموني هينڊل ٿي وڃي ها، پر حڪومت جي نااهلي سبب قيمتي جانيون نقصان ٿيون، حڪومت ڦاسندي آهي ته ٻين کي مدد لاءِ سڏيندي آهي، اهي ماڻهو معاملا خراب ڪري مبارڪون وصول ڪرڻ چاهين ٿا، معاملو بهتر انداز ۾ حل ٿي پئي سگهيو. سيد مراد علي شاهه ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي بابت چيو ته ٽيم سٺو کيڏي رهي آهي، اميد آهي ته ورلڊ ڪپ کٽينداسين، ٻڌو آهي ته وزيراعظم چيو آهي ته ان جي ڪري پاڪستان سٺو کيڏي رهيو آهي، پ پ جي حڪومت آئي ته عمران خان کي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ رکنداسين، پهرين به چيو هو ته وزيراعظم لاءِ آئيڊيل ڪم ڪرڪيٽ ٽيم هلائڻ آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button