سنڌ

حڪومتي بي ڌياني ڪري زراعت شعبو تباهه ٿي رهيو آهي:سنڌ آبادگار بورڊ لاڙڪاڻو

سنڌ آبادگار بورڊ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر عرفان جتوئي پنهنجي ساٿي اڳواڻن غلام مرتضيٰ لاشاري، محسن علي قاضي ۽ علي بخش مگسي سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي توڙي سنڌ حڪومت جي بي ڌياني سبب زراعت جو شعبو تباهه ٿي رهيو آهي، مخالف ڌر جون پارٽيون عوامي مسئلن تي احتجاج ڪن ٿيون پر انهن مسئلن ۾ آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي ڪڏهن شامل نٿو ڪيو وڃي. سنڌ جي 80 سيڪڙو آبادي سڌي يا اڻ سڌي طرح زراعت سان وابسته آهي، ان باوجود ڪڻڪ، کنڊ ۽ کاڄرو تيل سميت ڪيتريون ئي ٻيون شيون ٻاهران گهرايون پيون وڃن. هن چيو ته پيٽرول، ڊيزل ۽ ٻين شين جا اگهھ وڌائڻ سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ۽ هارين توڙي آبادگارن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. هن وقت به چانور جو اگهھ 2000 هزار آهي، ان حساب سان سارين جو اگھه گهٽ ۾ گهٽ 1600 يا 1700 هجڻ گهرجي،پر واپارين ساريون آليون هجڻ جو سبب ڄاڻائي اگهھ ڪيرائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھه وڌڻ سميت ڊي اي پي ۽ يوريا به وڌي ويو آهي، هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ 8 ڏينهن اڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ليٽر موڪلي هارين جي رجسٽريشن لاءِ ڪاميٽيون جوڙڻ جو چيو پر هن وقت تائين ڪا ڪاميٽي ناهي جوڙي وئي، ڊي سي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر چون ٿا ته اهڙو ڪو ليٽر نه مليو آهي. هن چيو ته زراعت کي هٿي نه وٺرائي وئي ته زراعت تباھه ٿي ويندي ۽ هن سال ڪڻڪ جي پوکائي نه ٿي سگهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button