اسلام آباد

آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، هلندڙ هفتي معاهدو ٿي ويندو: ناڻي وزير

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويا آهن، معاهدو هن ئي هفتي ٿي ويندو. آ ايم ايف جو رويو انتهائي سخت هو، آ ايم ايف جو چوڻ هو ته توهان واعدا ڪري پئسا وٺي پو ڦري ٿا وڃو، ناڻي واري وزير شوڪت ترين اسلام آباد ۾ هڪ تقريب دوران ۽ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويا آهن. آءِ ايم ايف سان معاهدو هن هفتي ئي ٿي ويندو، آ ايم ايف جو رويو انتهائي سخت هو، ڪجهه مطالبا قبول ڪيا آهن. هن چيو ته آ ايم ايف سان ڳالهيون اتان ئي شروع ٿيون جتي گذريل ڀيري ڇڏيون هيون، گذريل ڀيري آ ايم ايف 700 ارب رپين جي ٽيڪس ۽ بجلي جي قيمت 5 رپيا في يونٽ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو، ڪافي بحث کان پو آ ايم ايف کان رعايت ورتي آهي. هن چيو ته آ ايم ايف جو چوڻ هو ته جولا تائين بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ اضافو ڪيو وڃي، آ ايم ايف کي ٻڌايو ته بجلي جي قيمت وڌائڻ سان غريبن تي بار وڌندو ۽ صنعتن تي دٻا وڌي ويندو، آ ايم ايف جو چوڻ هو ته توهان واعدا ڪري پئسا وٺي پو پوئتي هليا وڃو ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 700 ارب جي ٽيڪس جا تفصيل نه ٿو ڏئي سگهان، ان سان اعتماد ٽٽي ويندو، هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ رعايت ورتي آهي، آ ايم ايف پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 600 ارب رپيا رکڻ جو چيو هو، ان تي ڪافي بحث ٿيو، اسان 600 ارب وارو مطالبو قبول نه ڪيو پر ڪو انگ ته مڃڻو هو، پي ڊي ايل وڌڻ سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو نظر ايندو. هن چيو ته اسان جو ڪم سهولت فراهم ڪرڻ آهي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لا ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏئي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button