سنڌ

ڳڙهي ياسين ۾ ڳوٺاڻن جو فراڊ توڙي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڳڙھي ياسين ويجهو ڳوٺ مينھون منگي جي رهواسين نياز احمد منگي، ڀورل منگي ۽ ٻين فراڊ توڙي ٿيل حملي خلاف پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڪراچي ۾ شبير احمد منگي کان اسان 25 لک ۾ جڳھه ورتي هئي، غلام شبير منگي پئسا اسان کان وٺي جڳھه ٻي ڌر کي وڪڻي قبضو توڙي کاتو ڄاڻايل ڌر کي ڏيئي فرار ٿي ويو آهي. علائقي جي چڱن مڙسن کي غلام شبير وارن خلاف شڪايتون ڪيون پر ڪير مدد ڪرڻ تيار ناهي. پئسا گهرڻ تان مڇرجي غلام شبير منگي ۽ سندس پٽ حملو ڪري گارگند ڪئي، غلام شبير منگي وارا پئسا ڦٻائڻ لا اسان کي مارائڻ چاهي ٿا، هي فراڊي ماڻهو آهن، اسان کي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button