سنڌ

باقراڻي ۾ بادهه واسي پورهيت جو بااثر شخص خلاف احتجاج

باڊهه جي پير تقي شاهه پاڙي واسي پورھيت محمد ابراھيم بروھي پنهنجي سئوٽ عبدالحق بروھي سان گڏجي بااثر ڌر خلاف باقراڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هن دانهيندي چيو ته بااثر ڌر جي ھدايت الله ملاڻو سان معمولي ڳالھه تان جھيڙو ٿيو ھو، جنهن بعد جوابدار ھدايت الله ملاڻو، سني ملاڻو، قربان ملاڻو، اعجاز ملاڻو ۽ رياض ملاڻو دوڪان تي حملو ڪري منهنجي والد غلام حسين ۽ مونکي زخمي ڪيو، اسان باڊهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، ويتر جوابدار ڌر ھدايت الله ملاڻي جي ڪوڙي فرياد تي منهنجي پيرسن والد ۽ ٻين مٿان زنا ڪوشش جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پوليس منهنجي ڀاءُ غلام اڪبر بروھي کي کنڀي کڻي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button