سنڌ

لاڙڪاڻي واسي پورهيت جو مالي مدد لا احتجاج

لاڙڪاڻي جي الله آباد محلي واسي پورھيت حاجن انڙ پريس ڪلب باقراڻي اڳيان مالي واهر لا احتجاج ڪيو. پورھيت دانھيندي چيو ته کٽون واڻي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو ھيس پر بيماري سبب 2 ڀيرا آپريشن ڪرايو، جنهن کانپوءِ ساڳيو پورھيو ڪرڻ کان لاچار بڻجي ويو آهيان. ھن چيو ته مون کي چار ٻارڙن جو اولاد آهي، جن جو پيٽ پالڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. هن سنڌ حڪومت ۽ وسوارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگهان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button