ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، وزيراعظم شهباز شريف سياسي اڳواڻن کي قومي چئلينج گڏجي نبيرڻ لا هڪ ميز تي ويهارڻ جو فيصلو ڪندي ايندڙ اڱاري (7 فيبروري) تي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) طلب ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ ٻي سياسي قيادت سان گڏوگڏ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم اهم قومي چئلينجن تي سڄي سياسي قيادت کي هڪ ميز تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ 7 فيبروري تي ڪل جماعتي ڪانفرنس (اي پي سي) ٿيندي، جنهن ۾ ملڪ جي سڀني سياسي اڳواڻن کي شرڪت جي باضابطا دعوت ڏني وئي آهي. اعلان مطابق وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي به اي پي سي ۾ اچڻ جي ڪوٺ ڏني آهي، ان حوالي سان وفاقي وزير ۽ نواز ليگ جي اڳواڻ اياز صادق تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم جي طرفان عمران خان کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي، جڏهن ته اڄ پشاور ۾ ٿيندڙ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ به تحريڪ انصاف جي ٻن نمائندن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏني وئي آهي. اياز صادق وزيراعظم جو اهو پيغام اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ تائين پهچايو ته دهشتگردي خلاف ايپڪس ڪميٽي ۾ تحريڪ انصاف جي ٻن نمائندن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو، اياز صادق پي ٽي آئي اڳواڻن کي پنهنجي جماعت جي نامزد ٻن نمائندن جي نالن کان آگاهه ڪرڻ جي درخواست به ڪئي. گورنر هائوس پشاور ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيندا، اجلاس ۾ پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيل آپگهاتي حملي واري واقعي تي غور ويچار ڪيو ويندو، جڏهن دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس کي اپگريڊ ڪرڻ جا قدم پڻ غور هيٺ ايندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close