پاڪستان

عمران خان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 193 تي ننڍي چونڊ تان هٿ کڻي ويو

تحريڪ انصاف جو سربراهه ضمني چونڊن ۾ 33 تڪن مان اين اي 193 ڄام پور مان اليڪشن وڙهڻ تان هٿ کڻي ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي آفيسر جو چوڻ آهي ته عمران خان طرفان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 193 تان ننڍي چونڊ نه وڙهڻ جي درخواست ملي آهي ۽ هن نامزدگي ڪاغذ پڻ واپس وٺي ڇڏيا آهن. عمران خان طرفان نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ بعد تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي ناڻي جو اڳوڻو صوبائي وزير محسن لغاري ان تڪ تان ننڍي چونڊ وڙهندو. ٻئي طرف محسن لغاري چيو آهي ته پارٽي مون کي اميدوار نامزد ڪيو آهي، تڪ تي ڪامياب ٿي ڏيکاريندس. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 193 ڄام پور ۾ ننڍي ڍونڊ 26 فيبروري تي ٿيندي، اها سيٽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ميمبر جعفر خان لغاري جي فوت ٿيڻ ڪري خالي ٿي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button