پاڪستانپنجاب

صحافي ۽ اينڪر پرسن عمران رياض پرڏيهه وڃڻ ۾ ناڪام، هڪ دفعو ٻيهر گرفتار

وفاقي جاچ اداري (ايف آ اي) صحافي ۽ اينڪر پرسن عمران رياض خان کي هڪ دفعو ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري سندس جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويندو. صحافي عمران رياض جي وڪيل ميان علي اشفاق سندس گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته عمران رياض کي ايف آ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ لاهور جي علامه اقبال هوائي اڏي تان گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيس جا تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن، عمران رياض جي گرفتاري قانون جي ابتڙ آهي، جنهن جو عدالتي فورم تي مقابلو ڪنداسين. ان کان اڳ اطلاع مليا ته صحافي عمران رياض گذريل رات پرڏيهه وڃڻ لا لاهور ايئرپورٽ تي پهتو ته کيس بورڊنگ کان روڪيو ويو ۽ سائبر ڪرائيم ونگ جي اهلڪارن کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ٻئي طرف ايف آ اي اميگريشن اختيارين چيو آهي ته صحافي عمران رياض جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ شامل هو، تنهن ڪري کيس لاهور هوائي اڏي تان گرفتار ڪيو ويو آهي، اڄ کيس عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ ورتو ويندو. واضح رهي ته صحافي عمران رياض کي گذريل سال به گرفتار ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button