پاڪستانخيبرپختونخوا

تحريڪ انصاف کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تڪڙ هئي، هاڻ ٿورو صبر ڪري:گورنر خيبر پختونخوا

خيبر پختونخوا جي گورنر غلام علي چيو آهي ته چونڊون ضرور ٿينديون پر هن وقت رياست خطري ۾ آهي، رياست کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ ساڳيو فارمولا اختيار ڪيو وڃي جيڪو 2013 اي پي ايس سانحي بعد اختيار ڪيو ويو هو. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر چيو ته مون ڪالهه اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چيو آهي ته آئين جي فلاڻي فلاڻي آرٽيڪل تحت چونڊون ضرور ڪرايو، جڏهن ته ان کان اڳ پشاور سانحو ٿي ويو آهي ان لاءِ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکي وڃي، تحريڪ انصاف کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تڪڙ هئي نه، هاڻي ٿورو صبر ڪري، اسان جنازن کي ڪلها ڏئي رهيا آهيون ۽ هي چون ٿا ته چونڊن جي تاريخ ڏيو. هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ 2018 کان 2022 تائين 465 حملا ٿيا انهن حملن ۾ اهي حملا شامل نه آهن جيڪي سڌي طرح سياسي ماڻهن تي ٿيا آهن، انهن واقعن ۾ پوليس جا 246 اهلڪار شهيد ٿيا، گورنر چيو ته مان جڏهن کان عهدو سنڀاليو آهي، ان وقت کان انهن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي جنازن ۾ هڪ ڀيرو به پختونخوا جي وڏي وزير شرڪت ناهي ڪئي، عمران خان کي چوان ٿو ته سياست ضرور ڪريو پر سچ سان ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button