پاڪستانپنجاب

نواز شريف ڪجهه هفتن ۾ موٽي ايندو، عوام کي ڪو رليف نٿا ڏئي سگهون:مريم نواز

نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف وطن واپس اچڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي، هو ايندڙ ڪجهه هفتن اندر موٽي ايندو. بهاولپور ۾ ميديا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نواز شريف تمام جلد وطن واپس ايندو، هن تياري به شروع ڪري ڇڏي پر ٽڪيٽ جي پڪ ٿيڻ تائين حتمي تاريخ نٿي ٻڌائي سگهان. عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته عمران کي اقتدار تائين پهچڻ لاءِ بيساکين جي ضرورت هئي، چار سال اقتدار ۾ رهندي اسٽيبلشمينٽ جي ساراهه ڪندو رهيو، اقتدار وڃائڻ بعد هُن اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو. اسان جو بيانيو حقيقتن تي ٻڌل آهي، اسان کي ڪنهن جي بيساکين جي ضرورت ناهي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت تي فتنو خان آپگهاتي حملو ڪري ويو، معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪيئي سال لڳي ويندا، آ ايم ايف اسان جا هٿ ٻڌي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري چاهيون تڏهن به عوام کي رليف نٿا ڏئي سگهون، عوام کي سڄي خبر آهي ته آ ايم ايف سان معاهدو ڪنهن ڪيو هو ۽ مهانگائي ڪنهن جي ڪري ٿي آهي، مراعتون حاصل ڪندڙ طبقي کي به عوام سان گڏ قرباني ۾ پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ گهڙي چور جي 10 سالن تائين حڪومت رهي، سڀ کان وڌيڪ فنڊ ملڻ باوجود پختونخوا ۾ سهولتون نه آهن، صوبي جي پوليس بي يارو مددگار بڻيل آهي، اها ڳالهه واضح ڪري ٿي ته فنڊ ڪهڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪيا ويا. مريم نواز عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ظلم ڪيو آهي ته ان کي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيڻ کپي، اسان بدلو وٺڻ تي يقين نٿا رکون، ڪنهن کي به سزا کان بچي نڪرڻ جو موقعو نه ملڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف سميت مسلم ليگ (ن) جي سموري ليڊرشپ کي گرفتار ڪيو ويو. راڻا ثناءُالله مٿان منشيات جو ڪيس داخل ڪيو ويو. هاڻي جيڪڏهن عمران خان کي توشا خاني تي سزا ملي ته ڇا ان کي انتقام چونداسين، جيڪڏهن ڪنهن ڪوڙ ڳالهايو آهي ته اهو ضرور سامهون ايندو ان کي انتقام نه پر احتساب چوندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button