پاڪستانخيبرپختونخوا

بمبار پوليس جي وردي ۾ آيو، تلاشي کان بچي ويو، آئي جي پختونخوا ڪوتاهي تسليم ڪري ورتي

خيبر پختونخوا پوليس جي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) معظم جاه انصاري انڪشاف ڪيو آهي ته پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگرد پوليس جي وردي پائي اندر داخل ٿيو هو، تنهن ڪري پوليس وارن پٽي ڀائي سمجهي سندس جهڙتي نه ورتي، پنهنجي ڪوتاهي تسليم ڪريون ٿا، پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت جو سبب بڻيل دهشتگرد نيٽ ورڪ جي ويجهو پهچي ويا آهيون، آءِ جي طور مان ۽ منهنجا جوان تڪليف ۾ آهيون. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي معظم جاهه چيو ته آئون گذارش ٿو ڪريان ته اسان جي تڪليف ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، اسان کي سمجهيو وڃي، اسان به حساس ماڻهو آهيون، پنهنجي هڪ هڪ شهيد جو بدلو وٺنداسين، هن چيو ته سازشي ٿيوريز جي ذريعي منهنجي جوانن کي گمراهه ڪرڻ ۽ هنن کي روڊن تي آڻڻ مان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندس، اها سازشي ٿيوري پيش ڪئي وئي ته ڊرون حملو ڪيو ويو آهي، خيبر پختونخوا پوليس جا جوان منهنجا ٻچا آهن ۽ مون کي پنهنجي ٻچن کي پاڻ ڊيل ڪرڻ ڏيو، منهنجا ٻچا پنهنجا قاتل پاڻ ڳولي سگهن ٿا، هي پنهنجي حفاظت به پاڻ ڪندا، ملڪ ۽ عوام جي به حفاظت ڪرڻ ڄاڻين ٿا، پوليس جي جوانن کي احتجاج تي مجبور نه ڪريو ۽ لاشن تي سياست نه ڪئي وڃي، الله تعاليٰ اسان سڀني جي حفاظت جو ذمو کنيو آهي. آ جي وڌيڪ چيو ته ڪو بارودي مواد ڦاٽڻ جون دعوائون پيو ڪري، اهي سڀ فضول ڳالهيون آهن، پشاور ڌماڪو ڊرون حملو نه پر آپگهاتي بم حملو هو، پوليس آپگهاتي بمبار جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري ورتا آهي، اسان سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان آپگهاتي بمبار کي ڳولي ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button