اسلام آبادپاڪستان

آصف زرداري تي سنگين الزام،شيخ رشيد جي ضمانت رد

اسلام آباد :اسلام آباد جي مقامي عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري تي عمران خان جي قتل جي سازش جي الزام بابت ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. تفصيل مطابق شيخ رشيد کي 2 فيبروري تي رات دير سان گرفتار ڪيو ويو هو. جڏهن ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان جي خلاف ڪراچي ۽ حب ۾ داخل ڪيسن تي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو هو. شيخ رشيد جي گرفتاري کان پوءِ واري درخواست ضمانت تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ شنوائي ٿي. شيخ رشيد جو وڪيل سردار عبدالرزاق، انتظار ۽ جاچ آفيسر انسپيڪٽر عاشق عدالت ۾ پيش ٿيا. جاچ آفيسر پاران رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. شيخ رشيد جي وڪيل پاران وڪالت نامو جمع ڪرايو ويو، ڪيس جي مدعي جو وڪيل سلمان منير به عدالت ۾ پيش ٿيو. جج شيخ رشيد جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان مطابق شيخ رشيد عمران خان جي قتل جي سازش جو حصو نه آهي؟ جنهن تي سردار عبدالرزاق جواب ڏنو ته شيخ رشيد عمران خان جي بيان جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته عمران خان جيڪو چئي رهيو آهي ٺيڪ چئي رهيو آهي. سردار عبدالرزاق دليل ڏيندي اپيل ڪئي ته شيخ رشيد جو بيان نشر ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ئي ڪيس داخل ٿي ويو هو. پوليس آڏو قتل ٿي وڃي ته ايف آئي آر ناهي ٿيندي. سردار عبدالرزاق چيو ته عمران خان جو بيان حقيقت تي ٻڌل آهي، عمران خان جي خلاف قتل جي سازش ٿي رهي آهي جنهن تي ڪيس نه پيو ڪيو وڃي تنهنڪري آصف علي زرداري جي بدنامي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ان دوران شيخ رشيد جي وڪيل پاران ايف آئي آر جو متن پڙهيو ويو. شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته پوليس 31 جنوري تي شيخ رشيد کي نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس شيخ رشيد کي نه مليو پر ٽي وي تي نشر ٿيو. ٻئي ڏينهن هاءِ ڪورٽ مان نوٽيس معطل ٿيو ته ايف آئي آر داخل ڪئي وئي. هن چيو ته شيخ رشيد تي هڪ عام شهري الزام مڙهيو جيڪو پيپلزپارٽي جو ڪارڪن آهي. شيخ رشيد تي آصف علي زرداري جيڪڏهن الزام لڳائي ها ته الڳ ڳالهه هئي. الزام مڙهڻ تي آصف زرداري پاران عمران خان کي هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي پئي سگهيو. وڪيل شيخ رشيد جي ضمانت جي اپيل ڪندي چيو ته ان کان هاڻي ڪنهن جاچ جي ضرورت نه آهي، ضمانت منظور ڪئي وڃي. جنهن کان پوءِ فيصلو محفوط ڪيو ويو هو جيڪو جهٽ کان پوءِ ٻڌائيندي هن اپيل رد ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button