اسلام آبادپاڪستان

سينيٽ ۾ مهانگائي ۽ ڊالر بابت التوا واري رٿ رد،اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد : سينيٽ ۾ حڪومت طرفان مخالفت کانپوءِ پي ٽي آئي جي ملڪي معاشي صورتحال، مهانگائي ۽ ڊالر جي وڌندڙ قيمت بابت التوا واري رٿ رد ڪئي وئي. رٿ جي رد ٿيڻ تي اپوزيشن ۽ مختلف مذهبن جي نمائندن جي گهرايل ڪانفرنس ۾ مفتي عبدالشڪور جي سخت رويي ۽ مذهبن جي مبينا تذليل تي اقليتي سينيٽرز واڪ آئوٽ ڪيو. اڱاري تي اجلاس دوران ملڪي معاشي صورتحال، مهانگائي ۽ ڊالر جي وڌندڙ قيمت بابت التوا واري رٿ، پي ٽي آئي جي سينيٽر محسن عزيز پيش ڪئي ۽ چيو ته هڪ پاسي قميض کپائي اٽو خريد ڪرڻ لاءِ چيو، غريب اڄ نه صرف لڱ اگهاڙو ٿي ويو پر گهر کان بي گهر به ٿي ويو. هن چيو ته 1971 کان پوءِ اهڙي خراب صورتحال ڪڏهن ناهي ڏٺي. پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن ۾ پئسو 31 رپيا ڊي ويليو نه ٿيو. قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير چيو ته پهريان 26 جنوري تي ان تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس به اچي چڪو آهي، مان ان جي مخالفت ڪندس بنا جواز آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان تي ايوان ۾ بحث نٿو ٿي سگهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته رولز ۽ ڪتابن جي پٺيان نه لڪو، روزانو مهانگائي ۽ قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. چئن مهينن جون قيمتون ۽ اڄ جون قيمتون ڏسو. رٿ تي بحث ڪرائڻ بابت ايوان ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي، رٿ جي حق ۾ 19 ۽ مخالفت ۾ 25 ووٽ پيا جنهن سبب ايوان رٿ اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي. رٿ رد ٿيڻ تي اپوزيشن سينيٽ مان واڪ آئوٽ ڪري وئي. اجلاس دوران ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي سينيٽر دنيش ڪمار چيو ته اين 25 خوني نه پر دهشتگرد شاهراه آهي. بلوچستان ۾ دهشتگردي سان ايترا ماڻهو فوت ناهن ٿيا جيترا هن شاهراهه تي حادثن سان ٿيا آهن. دنيش ڪمار چيو ته اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ مواصلات واري وزير ايوان ۾ اچڻ به پسند نه ڪيو، هن شاهراهه جي ديوائلائزيشن جو ڪم افتتاح کان اڳتي ناهي وڌيو. هن چيو ته پوري ملڪ ۾ موٽر وي جو ڄار وڇايو ويو پر بلوچستان لاءِ هڪ شاهراهه به ناهي ٺاهي وئي. دنيش ڪمار چيو ته 95 سيڪڙو ڊرائيور هن شاهراهه تي چرس پي گاڏي هلائين ٿا پر روڪڻ وارو ڪوئي نه آهي. دنيش ڪمار چيو ته بيلا ۾ 41 ماڻهن جا چچريل لاش ڏٺا، ان کي ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي. دنيش ڪمار چيو ته سينيٽر مشاهد حسين اوهان هن شاهراهه لاءِ بغاوت جو علم بلند ڪريو. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت هي تعمير نٿي ڪري ته اوهان پارٽي مان استيعفا ڏئي وڃو ۽ مان به استيعفا ڏئي ڇڏيندس. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي شهادت اعواڻ ٻڌايو ته 11 اپريل تي وزيراعظم شهازشريف حلف کنيو ۽ 23 اپريل تي ان شاهراهه جو افتتاح ڪيو. اين 25 تي يقينن هيوي ٽريفڪ هوندي آهي، هڪ انسان جي جان وڃڻ افسوسناڪ آهي. اين ايڇ اي ان شاهراهه تي 7 چوڪيون قائم ڪيون. هن چيو ته خضدار کان ڪچلاڪ تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. اجلاس دوران سينيٽر فيصل سليم الرحمان چيو ته پاڪستاني نمائندي منير اڪرم پختونن بابت غلط ڳالهه ڪئي، انتهائي اهم فورم تي انتهائي اهم بيان ڏيڻ جو ڪوئي حق نه آهي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن کان پوءِ سينيٽ جو اجلاس جمعي جي صبح ساڍا 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button