اسلام آبادپاڪستان

پوليس ظلم ڪري رهي آهي، عدالتون نيٺ ڪڏهن حرڪت ۾ اينديون:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي فوتي ڪارڪن ظل شاهه عرف بلال جي موت جي جاچ لا عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي اڄ لاهور ۾ چونڊ مهم ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آ ڪارڪنن کي وڊيو لنڪ خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پنجاب جي نگران وڏي وزير ۽ آ جي پوليس جي پريس ڪانفرنس کي رد ڪريون ٿا، اسان جي ڪارڪن ظل شاهه کي پوليس حراست دوران تشدد ڪري شهيد ڪيو آهي، پوليس جي ظلم تي جيتري تڪليف پهتي آهي اها بيان نٿو ڪري سگهان، ظل شاهه جي جسم تي 60 هنڌن تي تشدد جا نشان آهن، عدالتون نيٺ ڪڏهن حرڪت ۾ اينديون؟ اهڙي قسم جو تشدد منهنجو ذهن تسليم نٿو ڪري، پنجاب ۾ زرداري جي ماڻهو کي نگران وڏو وزير بڻائي چونڊي چونڊي اهڙا پوليس آفيسر آندا ويا، جن ماضي ۾ به پي ٽي آ ڪارڪنن تي تشدد ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هي پهريان ظل شاهه جي قتل جو الزام مون تي لڳائي رهيا هئا ۽ هاڻي ان کي حادثو قرار ڏئي رهيا آهن، هن واقعي ۾ ملوث پوليس آفيسرن جا چهرا اسان ياد رکنداسين. هن چيو ته مريم نواز عدالتن کي حڪم ڏئي رهي آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪريو ۽ پنهنجي والد جا ڪيس معاف ڪرائڻ لا چئي رهي آهي، جنهن وٽ لنڊن ۾ اربين رپين جون 4 وڏيون ملڪيتون آهن پر اهو نٿا ٻڌائن ته وٽن پئسو ڪٿان آيو؟ مون کي پنهنجي عدليا کان اهو ئي مسئلو آهي ته مون تي بيهي رهن ٿيون پر تشدد جي معاملن تي ڇو نه ٿيون بيهن؟ مون تي توهين عدالت جو ڪيس ٺهيو، ٻئي پاسي مريم نواز هر هنڌ وڃي عدليا کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهي آهي پر مٿس توهين عدالت جو ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي، ملڪ ۾ ٻه ٻه قانون ڇو؟ ڪو به ڪيس ڇو نٿو ٺهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڀلي مون کي جيل ۾ وجهو يا قتل ڪرائي ڇڏيو، عوام جو سمنڊ اليڪشن لا نڪرڻ وارو آهي، لنڊن ۾ ويٺل روپوش جوابدار اتان ملڪ جا فيصلا ڪري رهيو آهي، هڪ ڏوهاري اسان جي ملڪ جا فيصلا ڇو ڪري رهيو آهي، جنهن جي ڌي گهمندي ڦرندي جنهن کي به وڻي گهٽ وڌ ڳالهائي رهي آهي، مان رت جي آخري ڦڙي تائين انهن جو مقابلو ڪندس، عوام کي مون سان گڏ بيهڻو پوندو، چونڊون ٿيڻ واريون آهن، آچر تي اسان لاهور مان چونڊ ريلي ڪڍنداسين، جنهن جي قيادت مان پاڻ ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button