پاڪستانعالمي

قوم کي عمران جهڙي فتني مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ضروري ٿي پيو آهي:نواز شريف

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جن ماڻهن مون کي جيل ۾ زهر ڏنو انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي، قوم کي عمران خان جهڙي فتني مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ضروري ٿي پيو آهي، پارٽي اڳواڻ اليڪشن جي مهم تيز ڪن. لنڊن مان نواز ليگ اڳواڻن سان وڊيو لنڪ تي عام چونڊن بابت صلاح مشورو ڪندي نواز شريف پنهنجي پارٽي کي چونڊ مهم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته عام چونڊون 30 اپريل تي ٿين يا آڪٽوبر ۾، اوهان تياري رکو، پنجاب اسيمبلي جون ٽڪيٽون پارٽي جي وفادارن ۽ پنهنجن تڪن جي مضبوط اميدوار کي ڏنيون وڃن. اڳوڻي ويراعظم چيو ته پارٽي اڳواڻ عمران خان جي دور جون سموريون بيقاعدگيون ۽ غلط فيصلا عوام جي سامهون رکن، هاڻ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته قوم کي عمران خان جهڙي فتني مان ڇوٽڪارو ڏيارجي ۽ ملڪ ۾ افراتفري ڦهلائيندڙ عنصرن کي قوم جي آڏو وائکو ڪجي. هن چيو ته عمران نيازي ۽ سندس سهولتڪارن کي مريم نواز ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي، پارٽي جا سڀئي اڳواڻ مريم سان گڏ چونڊ مهم ۾ شرڪت ۽ سهڪار ڪن. ٻئي طرف نواز شريف کان لنڊن ۾ هڪ صحافي سوال ڪيو ته ميان صاحب، توهان کي جيل ۾ زهر ڏنو ويو هو، ان تي ڇا چوندا؟ جنهن تي نواز شريف چيو ته جن ماڻهن زهر ڏنو ان سان وڃي ڳالهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button