پاڪستانپنجاب

قوم 2018ع وارين چونڊن جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي: خواجا آصف

دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پوري قوم 2018ع جي عام چونڊن جو نتيجو اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي، ان وقت جا سمورا ڪردار آهستي آهستي قوم جي سامهون اچي رهيا آهن، اسان جي معاشري ۾ اخلاقيات ۽ معاشرتي قدر تباهه ٿي چڪا آهن، ان سلسلي ۾ گذريل پنج سالن ۾ شدت ڏسڻ ۾ آئي آهي، ان روش کي روڪڻ لاءِ قدم انتهائي ضروري آهن، گذريل 4 سالن ۾ جيڪا معاشي تباهي ڪئي وئي جنهن جي ڪري اڄ ملڪ مشڪلاتن جو شڪار آهي، تحريڪ انصاف جي ناقص معاشي پاليسين سبب متاثر ملڪي معيشت کي بهتري طرف گامزن ڪرڻ لاءِ قدم جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سيالڪوٽ ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ليڊر جو ڪردار قابل تقليد هوندو آهي، قائداعظم جو ليڊر جي حيثيت سان ڪردار قابل تقليد هو، ماڻهن کي هن جو اخلاق پسند هو، کيس يقين هو ته هي ڊليور ڪندو. اڄڪلهه جي سياسي اڳواڻن ۾ سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ختم ٿي ويو آهي، موجوده اڳواڻ ٻن هفتن کانپوءِ ئي پنهنجي زبان تان ڦري ويندا آهن، ڇا اوهان کي يقين هو ته پرويز الاهي پاڪستان تحريڪ انصاف جو صدر بڻجندو، جنهن فواد چوڌري خلاف پرويز الاهي جيڪي بيان ڏيندو هو اڄ اهو ئي فواد چوڌري کيس پارٽي صدارت جو ليٽر پيش ڪري رهيو آهي، گذريل چار پنج سالن جي سياست جي تعريف اها ئي آهي. هن چيو ته آئون بار طرفان ملندڙ محبت جو قرضي آهيان اوهان ماڻهن سدائين عزت ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button