پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ پورهيت جي جوان نياڻي اغوا، زيادتي، مک جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار: چمبڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ وريام سولنگي ۾ هڪ پورھيت جي گهر ۾ 4 جوابدارن داخل ٿي سندس 17 ورهين جي نياڻي کي اغوا ڪري ورتو، جوابدارن جوان ڇوڪري کي ڳوٺ ڀرسان مينهن جي واڙي ۾ يرغمال بڻيئ مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو. وارث پيڇو ڪري واڙي تي پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويا. واقعي بعد ڇوڪري کي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو ويو، ليڊي ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري کيس سول اسپتال ٽنڊوالھيار نيو ويو، جتي ڇوڪري جي ميڊيڪل چڪاس ڪري جزا حيدرآباد ليبارٽري اماڻيا ويا. ڇوڪري وارثن سان گڏ پهچڻ بعد جوابدارن جي نشاندهي ڪئي. معلوم ٿيو آهي ته ڇوڪري جو والد فالج سبب هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي. ٻئي پاسي متاثر ڇوڪري جي چاچي جي فرياد تي چمبڙ ٿاڻي تي پوليس 4 جوابدران خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنن ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته هڪ مک جوابدار پنھنجي ساٿين سان گڏجي منهنجي ڀائيٽي کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو آھي. ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد واقعي جو ايس ايس پي ٽنڊوالھيار نوٽيس ورتو ۽ چمبڙ ٿاڻي تي پھچي متاثر ناري جي وارثن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي ڊي ايس پي چمبڙ ۽ ايس ايڇ اوچمبڙ کي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پوليس مختلف جاين تي ڇاپا ھڻي مک جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button