سنڌ

حيدرآباد جو حادثي ۾ زخمي ٿيل سينيئر وڪيل فوت

جناح لا ڪاليج جو پرنسپال سيد ناصر علي شاهه ڊرائيور سان گڏ ڪار ۾ ڪراچي وڃي رهيو هو ته سندس گاڏي سان نوري آباد ۾ حادثو پيش آيو هو، جنهن ۾ ڊرائيور ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته پرنسپال سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي علاج دوران ڪالهه سيد ناصر علي شاهه زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، سندس مڙهه ڊاڪٽر لائين صدر ۾ پهچايو ويو، جتي منجنهد ڌاري جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڪيل برادري سان گڏ مختلف سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته سندس تدفين ڪينٽ قبرستان ۾ ڪئي وئي. هوڏانهن هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران پرنسپال ناصر علي شاهه جي وفات تي اڄ سوڳ ۾ عدالتي ڪارروايون معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button