سنڌ

شهيد ناظم جوکيو ماحولياتي تحفظ ڪندڙ قومي شهيد قرار

شهيد ناظم جوکيو ماحولياتي ڪانفرنس ۾ قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڌارين شڪارين کي شڪار لاءِ ڏنل پرمٽ ختم ڪري شڪار تي مڪمل پابندي مڙهي وڃي. ڪانفرنس ۾ شهيد ناظم جوکيو کي ماحولياتي تحفظ ڪندڙ قومي شهيد قرار ڏيندي چيو ويو ته ميڊيا جي ادارن پاران شهيد ناظم جوکيو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ طور ثقافتي ڏهاڙو سرداري نظام جي خاتمي ۽ ماحولياتي تحفظ جي عنوان سان ملهايو وڃي، سنڌوءَ تي گريٽر ٿل ڪينال فيز 2 تحت ٿيندڙ اڏاوت کي فوري طور روڪيو وڃي، سنڌو درياهه تي سنڌ جو حق تسليم ڪري ڊيمن ۽ فلڊ ڪئنالن جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي ۽ فوري طور 1991ع جي معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي پاڻي جو حصو ڏنو وڃي. ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏئي ان جي ڪٽائي تي پابندي مڙهي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button