سنڌ

شهرن جي رٿابندي حڪومت ۽ ادارن بدران بلڊر ڪري رهيا آهن:ناصر پنهور

ڪانفرنس جي پهرين ماحولياتي ويهڪ ۾ ماحوليات تي لکندڙ سماجي اڳواڻ ناصر پنهور چيو ته سنڌ ۾ فطرت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. پلاننگ کان بغير شهرڪاري ٿي رهي آهي. زرعي زمينون ختم ٿي رهيون آهن. باغن وارو شهر حيدرآباد هاڻ بلڊنگن جو شهر بڻجي ويو آهي. شهرن جي رٿابندي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن بدران بلڊر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن کان موجود ٻيلن کي ختم ڪري فاريسٽ ليز پاليسي تحت زمينون وڏيرن ۽ سردارن جي حوالي ڪيون ويون. ڍنڍون ختم ٿي ويون آهن، رامسر سائيٽس هاڻ صرف رڪارڊ ۾ رهيون آهن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪوئلي کي ڊرٽي انجرجي چيو وڃي ٿو پر هتي ڪوئلي تي زور آهي. ڪوئلو ماحوليات لاءِ انتهائي خطرناڪ سمجهيو وڃي ٿو. ڪوئلي جي اوپن پٽ مائننگ ٿيڻ سان ٿر جي ماحوليات سخت متاثر ٿيندي. ٿر ماحوليات جي حوالي سان انتهائي حساس آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button