سنڌ

ڪيو اي ٽي جا سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف مظاهرا

قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ ٽنڊو غلام علي ۾ ڪيلاش ڪمار مڪوانا، رزاق بوزدار، بچل احمداڻي ۽ نانجي ڪمار جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ملير ۾ لياقت جهتيال، ڪاشف خاصخيلي ۽ ضمير لغاري جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد کان ملير پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ويو. ڪشمور ۾ فدا محمداڻي، غفور لاشاري، زبير ڪلوڙ، برڪت علي کوسو، مھراڻ ڪلوڙ، ذوالفقار کوسو، عادل عزيز چنه ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ظالم سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي ڪري اقتدار ۾ پھتل غدار وڏيرا شاھي ھر دور ۾ سنڌ جو سودو ڪري سنڌ جو پاڻي، سنڌ جون نوڪريون، شھر، زمينون اقتدار عيوض ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن. سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي ڪري سڌ جي تعليم تباهه آھي. ترقياتي ڪم نٿا ٿين. اسڪول اوطاقون بنيل آھن. اسپتالون کنڊر بنيل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button