پورهيت مزاحمت ۽ تنقيدي تعليمي فورم پاران حيدرآباد پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ “شهيد ناظم جوکيو ماحولياتي ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ناظم جوکيو جو قتل مثال آهي، سنڌ جا ماڻهو ظالم سردارن ۽ جاگيردارن جي جبر جو شڪار ٿي زندگين تان هٿ کڻي ٿا وڃن، ناظم جوکيو ننگن ۽ دنگن جي تحفظ لاءِ شهادت ماڻي. هن چيو ته جاگيردارن ۽ وڏيرن لاءِ ڪو به قانون ناهي، قانون رڳو غريبن لاءِ آهي. پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهه چيو ته اهو ظلم ناظم جوکيو جي شهادت کانپوءِ سامهون آيو ته ان کي سنڌ ۾ سياسي مزاحمت جي شڪل ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close