سنڌ

سياسي، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن جو سرداري نظام خلاف جدوجهد جو اعلان

سنڌ ايڪسپريس پاران پريس ڪلب ٺٽو ۾ “سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو” جي عنوان سان سيمينار ٿيو. ان موقعي تي ايس ٽي پي ٺٽي جي صدر سيد جلال شاهه، پورھيت مزاحمت جي پروفيسر اعجاز جاکرو، عوامي تحريڪ جي گھنور خان زئور، عوامي رابطا تحريڪ جي غلام سرور پليجو، قومي عوامي تحريڪ جي منور ڀٽو، ساس جي رمضان ميمڻ، مسلم ليگ ف جي شاھنواز بروھي، اقبال جاکرو، خدا بخش بروھي، رشيد جاکرو، منصور جلالاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام عوام لاءِ ناسور بڻجي ويو آهي، سنڌ جي تعليم کي ھٿ وٺي تباهه ڪري ماڻھن کي سردارن جو غلام بنايو ويو آھي. رياست سرداري نظام کي ھٿي ڏئي رھي آھي. سنڌ مان جاگيرداري ۽ سرداري نظام جي خاتمي لاءِ گڏيل جدوجھد ھلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button