پاڪستانسنڌ

عمران سرڪار تيل جا اگهه گهٽ ڪرڻ لا تيار ناهي:نثار کهڙو

پشاور: پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو پشاور ۾ پارٽي جي يوم تاسيس جلسي بعد پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو، وقار مهدي، نعمان شيخ، پ پ حيدرآباد جو صدر صغير قريشي، جنرل سيڪريٽري علي محمد سهتو ۽ سينيئر اڳواڻ پاشا قاضي شامل آهن. نثار کهڙو پارٽي اڳواڻن سان سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. نثار کهڙو چيو ته دنيا ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿي ويا آهن، پر عمران سرڪار اگهه گهٽائڻ لا تيار ناهي، سنڌ ۾ گئس جي بندش سبب ماڻهو پريشان آهن، پر وفاق تي ڪو اثر نٿو ٿئي. هن چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ گئس جي بندش خلاف 10 ڊسمبر تي احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button