سنڌ

تعليمي ادارن مان نياڻين جا لاش ملڻ حڪمرانن جي نااهلي آهي:صنعان خان قريشي

جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڀٽ شاهه پهچي سيد نازڻ سائين جي تڏي تي قائم مقام سجاده نشين سيد خاور شاهه سان چاچي جي وفات تي تعزيت ڪئي. جنهن کانپو صنعان خان قريشي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري. ان موقعي تي صنعان خان قريشي جو چوڻ هو ته تعليمي ادارن مان نياڻين جا لاش ملڻ حڪمرانن جي نااهلي آهي. سنڌ ڌرتي کي هڪ سازش تحت تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. لاڙڪاڻو ۽ ٻٻرلو واقعا انتهائي ڏکوئيندڙ آهن، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته سنڌ واسين کي متحد ٿي ڌرتي جي دشمنن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي لا هر قرباني ڏيڻ لا تيار آهيون. سيد نازڻ سائين شهيد بشير خان قريشي جو بهترين دوست هو. سندس وڇوڙو سنڌ ۾ هڪ خال پيدا ڪري ويو آهي. ڀٽائي سرڪار امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي. اسان کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button