سنڌ

دمبالو ۾ عورت جي مبينا خودڪشي،ساهرن تي قتل جو الزام

نئون دمبالو جي غريب آباد ڪالوني ۾ 2 ٻارن جي ما چوويهه سالن جي انيتا زال اشوڪ ڪولھي گھر اندر ڦاهو کائي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، جڏهن ته عورت جي وارثن ساهرن تي قتل جو الزام هنيو آهي. ان ڏس ۾ فوتي عورت جي ما ۽ ڀا ٻڌايو ته اسان جي نياڻي تي ساهرا تشدد ڪندا رهندا هئا، اسان جي نياڻي کي ساھرن قتل ڪيو آھي. ٻئي طرف عورت جي مڙس اشوڪ ڪولهي ۽ ڏير چيو ته انيتا گهر ۾ پاڻ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، قتل جو الزام ڪوڙو آهي. هوڏانهن پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لا تعلقي ماتلي اسپتال پهچايو. ان ڏس ۾ ٽنڊو غلام علي ٿاڻي جي وڏي منشي هادي بخش راٺوڙ ۽ دمبالو پوليس پوسٽ انچارج عبدالخالق جروار، ننڍي منشي ممتاز جوڻيجو چيو ته پوسٽ مارٽم بعد واقعي جي سڄي خبر پئجي ويندي. اسان صاف شفاف جاچ ڪري رهيا آھيون، حق ٿيندو، ڪنهن سان به ناجائزي نه ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button