پاڪستانسنڌ

مورو ۾ 3 واپارين سميت 4 ڄڻن کي بيهوش ڪري ڦرلٽ

مورو: مورو ڀرسان درس شاخ وٽ نامعلوم ماڻھو چوپائي مال جي واپاري حسن زرداري کي نشي آور شئي کارائي ھزارين رپيا ڪڍي کيس درس شاخ وٽ بيھوشي جي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. هوڏانهن نامعلوم شاھينگ پيرسن نامعلوم شخص کي نشي آور شئي کارائڻ بعد درگاھه جمال شاهھ وٽ اڇلائي فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي پيرسن واپاري ڪالو ٻگھيو کي نامعلوم شاھينگ نشي آور بسڪٽ کارائي 80 ھزار رپيا ڪڍي ويا، واپاري کي ويجھي عزيز بيھوشي جي حالت ۾ ڳوٺ حاجي عبدالغفور ٻگھيو کڻي ويو. ھڪ ٻي واردات ۾ سنڌ ڪالوني واسي نديم مڱڻھار کي نامعلوم شاھينگ بيھوشي جي حالت ۾ سنڌ ڪالوني وٽ اڇلائي فرار ٿي ويا، جنهن کي سندس والده اسپتال پهچايو، ٻن واپارين کي اطلاع ملڻ بعد مورو ۽ درس پوليس ٻنھي کي کڻائي مورو اسپتال پھچايو. ان سلسلي م ايس ايڇ او مورو چيو ته مال جي پڙي لڳل سبب نشي آور گروھه وارداتون ڪيون، ھٿ آيل همراهه بيهوش آهن، هوش ۾ اچڻ بعد جاچ ڪري ڪارروائي ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button