پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا جا 201 نوان ڪيس رپورٽ، ڪابه فوتگي نه ٿي

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب ڪابه فوتگي رپورٽ نه ٿي، جڏهن ته 12462 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 201 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. مراد علي شاهه چيو ته خوش قسمتي سان گذريل ڏينهن ڪابه فوتگي رپورٽ ناهي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڇنڇر تائين فوتين جو انگ 7621 هو، جيڪو هيل تائين برقرار آهي. مراد علي چيو ته 12462 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 201 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪا موجوده تشخيصي شرح جو 1 ڏهائي 6 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6744105 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 474749 ڪيس سامهون آيا، جن مان 97 سيڪڙو يعني 460427 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 70 مريض پڻ شامل آهن.

وڏي وزير چيو ته هن وقت 6701 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 6497 گهرن ۾، 14 آئسوليشن سينٽرن ۽ 190 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 185 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 16 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button