پاڪستانسنڌ

ايل اين جي جي فراهمي لاءِ ساڍا 22 ڪروڙ ڊالر منصوبي جو اعلان

ڪراچي: پاڪستان گيس پورٽ گوادر ۽ بلوچستان ۾ ايل اين جي جي فراهمي لاءِ ساڍا 22 ڪروڙ ڊالر منصوبي جو اعلان ڪيو آهي، ڪمپني جي چيئرمين اقبال زيڊ احمد چيو ته گوادر جو عوام گئس جهڙين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، ان ڪري ايل اين جي گوادر ۾ آڻي بلوچستان سميت سڄي ملڪ کي ڏئي سگهجي ٿي.

اقبال زيڊ احمد دعويٰ ڪئي ته هو 7 مهينن ۾ ايل اين جي آڻي سگهن ٿا، جنهن لاءِ گوادر جي عوام کي سلينڊر ذريعي ايل پي جي اڌ قيمت تي فراهم ڪئي ويندي، پر ان لاءِ اوگرا سوڌو لاڳاپيل ادارن جي اين او سي جو انتظار آهي. چيئرمين پاڪستان گيس پورٽ موجب بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ ايل اين جي سلينڊر ۽ ٽينڪرز ذريعي فراهم ڪئي ويندي، بحري جهاز مان ٽينڪرز صنعتن کي ڏنا ويندا جڏهن ته گهريلو صارفين کي سلينڊر ۾ ڏني ويندي.

هن چيو ته گذريل 8 مهينن کان اين او سي جو انتظار آهي، 7 مهينن ۾ ايل اين جي آڻينداسين جيڪا نه رڳو گوادر، بلوچستان پر سڄي ملڪ ۾ ويندي. پاڪستان گيس پورٽ گوادر پورٽ ذريعي روزاني 30 ڪروڙ ڪيوبڪ فوٽ ايل اين جي درآمد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، 125 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري 100 ملين ڊالر جي فيز ون ۾ ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button