سنڌ

رائيس ڪئنال مان اوور لوڊ واري کڻندڙ ٽريڪٽر ڊرائيورن خلاف ڪارروائي

اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو رائيس ڪئنال مان غيرقانوني اوور لوڊ واري کڻندڙ ٽريڪٽر ڊرائيورن خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيتريون گاڏيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو چيو ته وڏي عرصي کان ٽريڪٽر ڊرائيور رائيس ڪئنال ۾ غيرقانوني طور تي اوور لوڊ واري کڻي رهيا آهن، جنهن بعد شهر جي مختلف روڊن کان گذرن ٿا، جنهن دوران واري شهر جي روڊن تي ڪري ٿي، جنهن سان شهرين کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته رائيس ڪئنال مان کنيل مٽي ۽ واري روڊن تي ڪرڻ بعد سڪي وڃي ٿي، جيڪا بعد ۾ هوا ذريعي اڏامي شهرين کي تڪليف ڏي ٿي، جنهن سبب ڪيترائي شهري ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button