سنڌ

”زال ۽ پٽ ڏياريو“ باقراڻي واسي نوجوان جو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ باهو جهتيال جي رهواسي نوجوان پنهنجي چاچي سان گڏجي ساهرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت سڪندر جهتيال پنهنجي چاچي محمد پريل جهتيال سان گڏجي دانهيندي چيو ته 2 سال اڳ مڏباهو جي رهواسي اظهر ميمڻ جي ڌي حابران خاتون سان دلالن معرفت 3 لکن عيوض شادي ڪئي، جنهن مان هڪ مهيني جو پٽ محمد آهي، 15 ڏينهن اڳ سهرو اظهر علي ميمڻ پنهنجي گهرواري حاجاڻي کي ساڻ ڪري اسان جي گهر آئي ۽ ڪجھه ڏينهن لاءِ منهنجي گهرواري حاجران خاتون ۽ پٽ محمد کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. هن چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ مان گهرواري کي وٺڻ لاءِ ويس ته سهري اظهر علي ۽ سس مائي حاجاڻي گهرواري ۽ پٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هنن ڏوڪري ٿاڻي تي مون خلاف ڪوڙي اين سي داخل ڪرائي ۽ چئي رهيا آهن ته اسان جي ڌي کي طلاق ڏي، جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button