سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ينگ نرسز ايسوسيئيشن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ ينگ نرسز ايسوسيئيشن جي سڏ تي چانڊڪا اسپتال جي مرد ۽ عورت نرسن مطالبن جي مڃتا لاءِ سٽي بلاڪ جي مُک گيٽ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نرسن روبينه شبنم، يامين وڳڻ، منصور ڀٽو، صابر ميڻو، هري چند، فدا حسين، لياقت علي چاچڙ، عبدالڪريم چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ينگ نرسز ايسوسئيشن جي اڳواڻن ڪالهه صحت کاتي جي سيڪريٽري جي نمائندن سان ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ اسان جي اڳواڻن پنهنجا مطالبا پيش ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو چيو پر ان باوجود نرسن جا جائز مسئلا حل ٿي نه سگهيا آهن جنهن ڪري مظاهرا ڪري رهيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته نرسنگ ڪيڊر جي رڪروٽمينٽ رولز جلد نوٽيفاءِ ڪيو وڃي، نرسنگ ڪيڊر کي سال 2019 کان منظور ٿيل هيلٿ پروفيشنل الائونس ڏي نرسنگ ڪيڊر جي 5 هزار گريڊ جي 16 ۽ 17 جون پوسٽون منظور ڪيون وڃن، جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ جي نرسن کي فورٽائير فارمولا جي تحت آڊٽ ڪاپي جاري ڪئي وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button