سنڌ

سنڌ ۾ معذورن جي ڪوٽا تي به ڌاڙو لڳايو پيو وڃي:پنهل سانگي

3 ڊسمبر معذورن جي عالمي ڏينهن بابت منعقد اجلاس ۾ ڊيف ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي صدر پنهل خان سانگي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ معذورن جي ڪوٽا 5 سيڪڙو تي به ڌاڙو لڳايو پيو وڃي، معذورن جي ڪوٽا جون نوڪريون ٻين عام ماڻهن کي ڏيئي معذورن سان ويساهه گهاتي بند ڪئي وڃي. هن چيو ته معذور نوجوانن کي حڪومتي سطح تي ڪي عملي هنري، تعليمي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون مهيا ناهن پر بدقسمتي سان حڪومتي سرڪاري ڪاغذن ۾ ڪروڙين رپيا معذورن تي خرچ ڏيکاريا وڃن ٿا، هن چيو ته معذور به هن معاشري جو حصو آهن انهن کي عام انسانن واريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. انهي موقعي تي ڊيف اشفاق احمد لغاري، رفيق احمد مغيري، خليل الرحمان عباسي، سرفراز دستي، جهانگير شيخ، ديوان بل رام، امتياز شاهاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button