سنڌ

خودڪشيون روڪڻ لائي انتظاميا هاسٽل مان ڇت جا پنکا لهرائي ڇڏيا

شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا شاگردياڻين کي تحفظ ڏيڻ بدران خودڪشين جا واقعا روڪڻ لا هاسٽل جي ڪمرن مان ڇت جا پنکا لهرائي ڇڏيا. ڊاڪٽر نوشين جو ڦاهو لڳل لاش هٿ بعد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر گرلز هاسٽل جي سڀني ڪمرن مان ڇت پنکا لاهرائي ڇڏيا. گرلس هاسٽل جي ڪمرن مان ڇت پنکا لهرائڻ واري عمل تي شاگردياڻين ۽ شاگردن سميت شهرين سخت تنقيد ڪندي يونيورسٽي انتظاميا مٿان ڇتي تنقيد ڪئي. ان سلسلي ۾ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن عمران ٻرڙو، اويس ڏاهاڻي، وقار کوسو، مير عمران مري، يار محمد عباسي، آفاق جلباڻي، تنوير کوسو، فرمان کوسو، عرفان ڦلپوٽو جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميه جو هاسٽل جي ڪمرن مان ڇت پنکا لاهڻ مذاق کانسوا ڪجهه به نه آهي، هنن چيو ته ڊاڪٽر نوشين جي قتل واقعي بعد شاگردياڻيون پاڻ کي غير محفوظ سمجهي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس هلي ويون آهن ۽ هن مهل گرلز هاسٽل مڪمل خالي آهي پر جڏهن هاسٽل ۾ شاگردياڻيون واپس اينديون ته انهن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هينئر ته موسم سرد آهي پر ڪجهه مهينن بعد گرمي ۾ شاگردياڻين کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو ڇو ته انتظاميه هاسٽل کي ايئرڪنڊيشنڊ ڪرڻ کان ته رهي پو گرمي ۾ شاگردياڻين جو حال ڇا ٿيندو؟ هنن سنڌ حڪومت، يونيورسٽي ۽ بورڊ جي وزير ۽ سيڪريٽري سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته گرلز هاسٽل جي ڪمرن مان ڇت پنکا لاهڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي فوري طور هٽائي سندس مٿان جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button