سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوشين واقعي خلاف شاگردن جو احتجاج

چانڊڪا جي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي قتل خلاف اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي لاڙڪاڻو پاران اٺين ڏينهن به چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان وي سي سيڪريٽريٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي عمران ٻرڙو، اويس ڏاهاڻي، وقار کوسو، مير عمران مري، يار محمد عباسي، آفاق جلباڻي، تنوير کوسو، فرمان کوسو، عرفان ڦلپوٽو ۽ ٻين چيو ته نوشين ڪاظمي جي واقعي کي 8 ڏينھن گذري ويا پر واقعي ۾ ڪنھن قسم جي ڪا اڳڀرائي ناهي ڪئي وئي. جڏهن ته چانڊڪا جي وي سي ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلسل ۽ سراسر غلط بياني ڪري رهي آهي. هنن چيو ته هڪ پاسي جيڪا نوشين جي قتل جي جانبدار جاچ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي قتل خلاف مزاحمت ڪندڙ شاگردن خلاف انتقامي ڪاروايون جاري رکندي مٿن سختيون وڌايون پيو وڃن. اهي ثابتيون ٻڌائين پيون ته ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي قاتل يا قاتلن جي ساٿاري يونيورسٽي انتظاميه آهي. هن وقت موجوده وي سي جون شاگرد دشمن پاليسيون جاري آهن.. هنن مطالبو ڪيو ته موجوده وي سي ڊاڪٽر انيلا کي عهدي تان هٽائي نوشين جي قتل جي جاچ صاف ۽ شفاف ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ سخت ڪري دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button