سنڌ

ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ڪشمور جي ڳوٺ ڪريم داد نائچ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف نائچ برادري انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي وڪيل ڪريم داد نائچ، حامد نائچ، مجتبى نائچ، فاروق علي، ڊاڪٽر ارسلان، دلي جان، فیائض علي ۽ ٻين جو چوڻ هوته ڳوٺ مان چوپايو مال چوري ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي. گذريل رات 12 کان وڌيڪ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ٻني ۾ ڪم ڪندڙ ٽريڪٽر ڊرائيور ڪريم بخش ملڪ کان ٽريڪٽر ڦرڻ بعد کيس هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. هنن مطالبو ڪيو ته وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي. ايس ايڇ او ڪشمور منظور احمد لغاري جو چوڻ هوته نائچ برادري جي چوپائي مال جي ٿيل چوري واپس ڪرائي ويندي ۽ نائچ ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪئي ويندي، ڪشمور پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڪامياب ڳالهين بعد روڊ کوليو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button