سنڌ

سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جو لاش رکي ڌرڻو

ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هٿان مارجي ويل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري ڳڙهي ياسين واسي عرفان مهر جو مڙهه ڪراچي کان ڳوٺ کاهي مهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جنازي نماز بعد مڙهه شڪارپور-لاڙڪاڻو انڊس ها وي روڊ تي رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ڪراچي ۾ قتل ڪيل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جو مڙهه ڳوٺ کاهي مهر پهچڻ تي وارث لاش کي چنبڙي قاتلن کي روئي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رهيا. جنازي نماز ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن، ڊسٽرڪٽ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ، سکر بار جي صدر قربان ملاڻو سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد وارثن لاش کي شفقت پيٽرول پمپ وٽ انڊس ها وي تي رکي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شهيد عرفان مهر جي ڀاءُ فرمان مهر چيو ته منهنجو ڀاءُ ايماندار ۽ سچو انسان هو، ان جي ڪنهن سان دشمني نه هئي، چيف جسٽس آف پاڪستان ، وزير اعليٰ سنڌ کان گهر ٿا ڪريون ته ڀاءُ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي سکر بار جي صدر قربان علي ملاڻو، شڪارپور بار جي صدر ايڊووڪيٽ محمد علي ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته عرفان مهر جي قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو. هنن چيو ته عرفان مهر جي وارثن کي انصاف ملڻ تائين وڪيل برادري خاموش نه ويهندي. هنن چيو ته اسان شهيد عرفان جي وارثن سان هر موڙ تي گڏ آهيون. هنن چيو ته شهيد عرفان مهر بهادر سچو ۽ ايماندار شخص هو، اسان جو سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته شهيد عرفان جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي قاتلن کي بي نقاب ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ وڪيل برادري سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button