سنڌ

سانگهڙ ۾ شادي جي خوشي ۾ هوائي فائرنگ، گولي لڳڻ سبب نوجوان فوت

سانگهڙ شهر جي شهمير ڪالوني ۾ ڪنوار جي گهر ڏانهن ويندڙ ڄاڃين جي خوشي ۾ ڪيل هوائي فائرنگ ۾ گهوٽ جو ويجهو مائٽ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. خوشي ۾ ڪيل هوائي فائرنگ ۾ گهوٽ جو مائٽ 25 ورهين جو نوجوان عالم يوسفزئي گولي لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن سانگهڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا. پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ايس ايڇ او سانگھڙ نياز ڪلھوڙو موقف ڏيندي چيو ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو آهي، واقعي جي مڪمل جانچ ڪئي پئي، پوليس پسٽل سميت ھڪ ڄڻي گرفتار ڪيو آهي. تدفين بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، جيڪڏهن وارثن ڪيس داخل نه ڪيو ته سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button