سنڌ

ڊکڻ ويجهو هٿياربند اناج جي واپاري کان ٽريڪٽر ڦري ويا

ڊکڻ ويجهو ڇتو منگي لنڪ روڊ تي هٿياربند اناج جي واپاري کي يرغمال بڻائي ٽريڪٽر ڦر ڪري ويا. ڊکڻ ويجهو ڇتو منگي لنڪ روڊ تي هٿياربندن ڳوٺ حبيب سانگهرو واسي اناج جي واپاري غلام شبير سانگهرو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کائنس ٽريڪٽر ڦري هٿ پير ٻڌي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد وارثن ۽ ڊکڻ پوليس کوجي ڪتن جي مدد سان ڦورن جو پيرو کنيو جيڪو رستي ۾ گم ٿي ويو، ان موقعي تي متاثر واپاري غلام شبير سانگھرو ٻڌايو ته پوليس جي نااهلي سبب روڊ ۽ رستا محفوظ ناهن رهيا، ڏوهاري سرعام روڊن تي گهمي رهيا آهن، ڦورو ٽريڪٽر ڦري ويا آهن. اطلاع باوجود پوليس دير پهتي. هنن ايس ايس پي شڪارپور کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي. رابطو ڪرڻ تي ڊکڻ جي ايس ايڇ رفيق بروهي ٻڌايو ته ڦورن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون جلد ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل ٽريڪٽر واپس ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button