سنڌ

کڏڙو ۾ ثقافتي مچ ڪچهري ۽ راڳ رنگ جي محفل

ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ميڊيا سينٽر کڏڙو تي ثقافتي مچ ڪچهري ۽ راڳ رنگ جي محفل سجائي وئي مچ ڪچهري ۾ صحافي انجم آفتاب نظاماڻي، الياس انجم، عمران لانڊر، خداڏنو ڪاڇائي، ساحل مهر، منصور لغاري، عبدالرحمان بڙدي، اي ڊي ڪنڀر، عبدالرحمان خاصخيلي، محبت مڱريو، هدايت الله لغاري، اياز جوڻيجو، نديم رضا ملڪ، اشوڪ ڪمار، نديم نوشاد، افتخار هوندل، ياسر ماري، زاهد ملڪ، يار محمد پٺاڻ، منصور لغاري، عبدالرزاق مينگل، مير خان شر، غلام قادر شر، جبار جوڻيجو، عبدالرسول سدهو، ڊاڪٽر رفيق ساگر بلوچ، شاهنواز ماري، سومر داناڻي، احمد علي ملڪ سميت سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مچ ڪچهري ۾ مشهور سگهڙن جالب بگٽي ۽ ٻين ڏور بيت ڳجهارتون پروليون ساروڻيون چئي واهه واهه ڪرائي ڇڏي. مشھور صدارتي ايوارڊ يافتا الغوذي ۽ بانسري نواز فنڪار استاد غوث بخش بروهي سندس پٽ فنڪار عمران بروهي سنڌي لوڪ گيتن تي ڌنون ٻڌائي خوب داد وصول ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button