سنڌ

ڊاڪٽر نوشين جي واقعي خلاف لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ مظاهرا

چانڊڪا هاسٽل مان ڦاهو لڳل حالت ۾ مليل ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي قتل خلاف لاڙڪاڻي ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ چانڊڪا اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن خان غفار خان، ڊاڪٽر عمران ٻرڙو، اويس ڏاهاڻي، زاهد چانڊيو، وقار کوسو، يار محمد عباسي، آفاق جلباڻي، مدثر مجبتي، علي زيب، صداقت، مجاهد جمالي، مير عمران مري ۽ فرمان کوسو ۽ تنوير کوسو، جواد لغاري، آڪاش ۽ ٻين نائين ڏينهن به چانڊڪا ڪاليج کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڊاڪٽر نوشين واقعي خلاف احتجاجي جلوس چاڪر خان جوڻيجو، عثمان سومرو، شعبان ابڙو، شاھد جوادي، عمران سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش سومرو پارڪ کان جلوس ڪڍي مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جسقم ۽ جساف پاران نوشين واقعي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جيون دان ڏيندڙ ڊاڪٽرياڻيون آپگهات ڪرڻ تي مجبور پيون ٿين، هڪ سال اندر چوٿين شاگردياڻي جو قتل ثابت ڪري ٿو ته شهيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر انيلا عطاء الرحمٰن، هاسٽل پرويسٽ لبنيٰ قريشي ۽ سندس مڙس انهن قتلن ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. هنن گهر ڪئي ته جي آءِ ٽي ٺاهي يونيورسٽي جي وي سي، پرويسٽ ۽ ٻين موجوده عملدارن کي نوڪرين مان فوري طور تي هٽائي سندن احتساب ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو چانڊڪا جهڙن تعليمي ادارن ۾ پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button