سنڌ

سنڌ بار جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا

ڪراچي ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيل ڪراچي بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مھر جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳڙھي ياسين بازار ايسوسيئشن ۽ مھر برادري ۽ شهرين دلشاد احمد ڀٽي ۽ سھيل مھر جي اڳواڻي ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي ناڪه کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. موري ۾ مورو بار جي صدر امين الدين خاصخيلي، جنرل سيڪريٽري قادر بخش ڪورائي، عبداللہ خان ڪورائي، وحيد ميمڻ، مير نواز ڪلھوڙو، سبحان علي زرداري، قربان علي ميمڻ، جڏهن ته جسقم آريسر گروپ اڳواڻن شاھنواز ڀٽي، اشرف لغاري، اسلم ڪوريجو، مختيار شاہه، صدام ۽ ٻين شهيد عرفان مهر جي قاتلن جي گرفتاري لا پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. نصيرآباد ۾ تعلقه بار ڪائونسل پاران وڪيل محمد بخش واھوچو، ، وڪيل محمد يوسف پتوجو، ڪامريڊ سينگار نوناري، عاشق علي جتوئي، عبدالغفار پيرزادو، حاڪم علي چانڊيو ۽ ٻين جِي اڳواڻي عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري وڪيلن ڪورٽ جي احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جيڪب آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چاڪر خان جوڻيجو، عثمان سومرو، شعبان ابڙو، شاھد جوادي، عمران سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش سومرو پارڪ کان مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 3 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪراچي پوليس عرفان مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ته پري رھيو پر شھيد جي قاتلن کي به ظاھر نه ڪري سگھي آھي. ھنن چيو ته ڪراچي بار جي سيڪريٽري کي ڏينھن ڏٺي جو کلي عام گوليون ھڻي قتل ڪيو ٿو وڃي ۽ ڪراچي پوليس ڪجهھ به نه ٿي ڪري سگھي. ھنن چيو ته شھيد عرفان مھر جي قاتلن جي گرفتاري تائين وقتن به وقتن احتجاج جاري رکيو ويندو. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته شھيد عرفان مھر جي قاتلن کي جلد ظاھر ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button