سنڌ

نصيرآباد ۾ ناري جمهوري محاذ پاران اسڪول کي ڪرسيون ڏنيو ويون

نصيرآباد ۾ ناري جمهوري محاذ پاران گرلز هاير سيڪينڊري اسڪول کي 130 ڪرسيون ڏنيون ويون. ڪجھ ڏينھن اڳ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول نصيرآباد جي شاگردياڻين پاران حاجت خانن (Toilet) ۽ فرنيچر جي اڻاٺ جون دانھون ڪيون، جنهن تي ناري جمھوري محاذ جي اڳواڻن اسڪول جو دورو ڪيو هو، اڄ 130 ڪرسيون اسڪول انتظاميا حوالي ڪيون ويون. ان موقعي تي اڳواڻن عابده چنا، فوزيا سينگار ۽ مھرالنساءِ چيو ته پدر شاھاڻي طرزِ حڪمرانن نياڻين جي تعليم ڏانھن اکيون پوري ڇڏيون آهن، اربين رپيا ڪرپشن ڪري اسڪولن جا فرنيچر به ھڙپ ڪيا وڃن ٿا. سماج جي اڌ آبادي، عورت کي تعليم کان پري رکي سماج سنواري نٿو سگھجي. ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻن سينگار نوناري، نجي چنا ۽ اشفاق مسڻ تعليم دوست عمل کي ساراهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button