سنڌ

جاتي ۾ ڳوٺاڻن جو ناگڻ ڍورو پل جي تعمير نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

جاتي ۾ ڳوٺاڻن ناگڻ ڍورو پل جي تعمير نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن سيد اڪبر شاهه، اڪبر باکو، موسى ڪاتيار، شير ڪاتيار، صديق ملاح ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته 2010 جي مھا ٻوڏ دوران جاتي چوھڙ جمالي شھرن کي ڳنڍيندڙ ناگڻ ڍورو آئوٽ فال ڊرين جي پل مڪمل تباهه ٿي وئي، پل ۾ ٻه وڏا کڏا پئجي ويا آھن جنھن ڪري ڪنھن به وقت وڏو جاني مالي نقصان ٿي سگھي ٿو. ھنن چيو ته پل جي نئين سر تعمير لا ڊرينيج کاتي کي ڪروڙين روپيا مليا پر ڪوڙن ڪاغذن ۾ ڪم مڪمل ڏيکاري پئسا ھڙپ ڪيا ويا آھن. ھنن چيو ته جاتي چوھڙ جمالي 35 ڪلو ميٽر روڊ جي ويجھو وڏي آبادي آھي اسان جو گذر سفر زراعت تي آھي پل جي سھولت نه ھجڻ ڪري ساريون ۽ ٻيو فصل چوھڙ جمالي ۽ جاتي پھچائي نٿا سگھون، هنن چيو ته گذريل ڏھن سالن کان پل جي سھولت ميسر نه ھجڻ ڪري سخت تڪليفن کي منهن ڏيئي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button